عبدالله بن زيد بن عبدالله رضه

عبدالله بن زيد بن عبدالله رضه: هن صحابيءَ جو تعلق خزرج قبيلي سان هو. سندس ڪنيت ابو محمد ۽ صاحب الاذان سندس لقب هو. سندس والد جو نالو صحابي زيد بن ثعلبه هو. جڏهن حضرت محمد مصطفيٰ صه جن صحابين سان مشورو ڪيو ته ماڻهن کي نماز لاءِ مسجد ۾ گڏ ڪرڻ لاءِ ڪهڙو طريقو اختيار ڪجي ته سڀني پاران مختلف رايا ڏنا ويا. پر عبدالله بن زيد بن عبدالله ٻانگ جي موجوده رائج طريقي جي صلاح ڏني. جيڪا سڀني کي پسند آئي ۽ حضور اڪرم صه ٻانگ ڏيڻ جو حڪم ڏنو. سڀ کان پهرين ٻانگ حضرت بلال ڏني. عبدالله بن زيد بن عبدالله جي ڏنل تجويز تي پاڻ ڪريم صه جن کيس صاحب الاذان جو لقب عطا فرمايو. هي جنگ بدر ۽ ٻين جنگين ۾ شامل رهيو. هن 64 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو